ست ڪاجن جو دڙو

ست ڪاجن جو دڙو

ست ڪاجن جو دڙو

ست ڪاجن جو دڙو: ست ڪاجن جو دڙو، ڪراچيءَ کان 300 ميل پري، اولهه پاسي، عربي سمنڊ جي ڪناري کان 25 ميل اُتر طرف موجود آهي. سر آريول اسٽائن، هن دڙي جي کوٽائي ڪرائي ته هتان 8-9 فوٽ هيٺ زمين مان ٺڪريون لڌيون ويون ۽ هڪ پڪي قلعي جي ڀت جا آثار به مليا، جنهن جي اندر هڪ مستطيل شڪل جو ميدان اُتر اولهه پاسي 170 وال ڊگهو ۽ اوڀر اولهه کان 125 وال ويڪرو موجود آهي. شهر پناهه پٿر جي چورس سرن کي مٽي ۽ گاري سان لنبي ٺاهي وئي آهي، جنهن جي ڏکڻ اولهه واريءَ ڪنڊ کان هڪ دروازي جا نشان پڻ مليا آهن، جيڪو اٺ فوٽ ويڪرو آهي. کوٽائي هلندي، هڪ وڏو ’خاڪدان‘ لڌو ويو، جيڪو رک سان ڀريل هو. ان مان اندازو لڳايو ويو ته انساني لاشن کي ساڙڻ بعد انهن جي رک کي خاڪدان ۾ وجهي پوريو ويندو هو. اهڙي قسم جي رک سان ڀريل ٻيا ٿانو به هتان مليا آهن. لڌل باقيات ۾ پٿر جا چاقو، پن جي شڪل جو پٿر جو ٺهيل تير جو مُنهن، ٽامي جي هڪ ٺپيل ڪهاڙي، جنهن جا پاسا ڪارائيءَ وانگر آهن. مٽيءَ جون ٺهيل ڪنگڻيون، روهيءَ مان ٺهيل ٿانوَ جو هڪ ٽڪر ۽ ٻيا مٽيءَ جا ڪيترا ٿانـو، جـن ۾ اُهي ٽُنگڙن وارا ٿانـو به شامل آهن، جيڪي هـڙاپا مان به لڌا ويا آهن. ان کانسواءِ هن دڙي مان ڪجهه چٽساليءَ وارا ٿانو، مٽيءَ جي جهرڪيءَ جي شڪل جي سيٽي ۽ پڪيون سرون به مليون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو